خسته نور محمد

’خسته‘ نور محمد: ڪلهوڙا دور ۾، نور محمد ’خسته‘ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون غزل گو شاعر ٿي گذريو آهي. ٻارهين هجري صديءَ ۾ ڳوٺ وسَين (موجوده ٽکڙ) تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ رهندو هو، ان کان سواءِ هن جي حيدرآباد ۾ عارضي رهائش پڻ هئي، جتي سندس اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي درسگاهه مان تعليم حاصل ڪئي هئائين. غزل جو پختو شاعر هو. سندس زندگيءَ جو وڌيڪ احوال نه ٿو ملي. سندس غزل جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
تا بر افگندي از رخ تو نقاب،
حشر ٿيو، آفتاب لايو تاب،
--
آن منم ڪز تصادمِ هجران،
روز شب ٿو رهان بي خورد خواب،
--
ڪشتيء عمرِ من به بحرِ غمت،
لهر لوڏن هڻي ڪئي غرقاب،
--
تابشِ حسنِ بيمثالِ سند،
برهه ڏيئي وري ڪيو بيتاب،
--
’خسته‘ وَ خوار منجهه وَسينءَ مون جيئن،
نيست ديگر ڪسي ز شيخ وَ شاب.


هن صفحي کي شيئر ڪريو